پوتي ۽ پڳ

پوتي ۽ پڳ (فلم): هيءَ سنڌي فلم 9 جون 1986ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ايڇ اي بخاري، پروڊيوسر محبوب عالم ۽ موسيقار وجاهت عطري هئا. فلم ۾ محبوب عالم، عشرت چوڌري، بنديا، اديب، نيلو، فردوس جمال، عابد ڪشميري بهادر ۽ مصطفيٰ قريشي اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم نيو ميجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، پيراڊائيز سئنيما سکر، شهباز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ اوڊين سئنيما ڪراچيءَ ۾ پردي تي ڏيکاري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو